پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾

پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾

پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾

پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾ (ڪتاب): سنڌ جي قديم شهر پڊعيدن جي تاريخ تي مشتمل هيءُ ڪتاب زاهد حسين سومري لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ پڊعيدن شهر سان گڏ ڀرپاسي جي ڳوٺن واهڻن، وستين جو ذڪر ڪيل آهي، نه فقط ايترو، پر پڊعيدن شهر جن به ارتقائي دورن مان گذري حال کي رسيو آهي، ان جو ذڪر ۽ شهر سانوابستگي رکندڙ صوفي بزرگن، سياستدانن، قانون جي ماهرن، مشاهيرن، سگهڙن، فنڪارن، سماج سڌارڪن، صحافين توڙي مدرسن، علمي ڪتب خانن، اسڪولن، ڪاليجن، مسجدن، مندرن، ٺڪاڻن، قبرستانن ۽ مساڻن سميت ليکڪ ته شهر جي هر ڳالهه کي يڪجاءِ ڪري تاريخي ماخذ بڻائي ڇڏيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 9 باب آهن، جن ۾ مٿي ڄاڻايل مواد کي درج ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پاران سنڌ جي مورخ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ کي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ پڻ ڊاڪٽر خانائيءَ لکيو آهي، سپ پبليڪيشن نوابشاهه پاران جنوري 2010ع ۾، پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز ۾ ڇپايل، هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ ڪل 222 صفحا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو